ڌن تيرس

ڌن تيرس: هي هندن جو هڪ تهوار آهي، جيڪو ڏياريءَ کان پنج ڏينهن اڳ، ڪتيءَ (آڪٽوبر) مهيني جي اونداهي تيرس تي ملهايو ويندو آهي. هيءُ لفظ ٻن لفظن جو ميڙ آهي: ڌن= دولت ۽ تيرس= تيرهين تاريخ. ان ڪري ان ڏينهن تي هندو ڌرم وارا، خاص ڪري وڻج واپارا سان لاڳاپيل ماڻهو، ڌن پراپت ڪندڙ ديوي لڪشميءَ جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ان ڏينهن تي زيور ۽ قيمتي سامان ۽ ملڪيت خريد ڪندا آهن. هن ڏينهن تي گهرن جي اڱڻ ۾ اٽي، چانور ۽ رنگ سان ننڍڙي ڄاول ٻار جا پيرَ چِٽيا ويندا آهن. ان ڏينهن بابت ڏند ڪٿائي روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ هيما نالي هڪ راجا جي 16 سالن جي پُٽ کي نجومين جي اڳڪٿيءَ موجب شاديءَ جي چوٿين ڏينهن فوت ٿيڻو هو. ان رات سندس نوجوان زال کيس سمهڻ نه ڏنو ۽ زيورن ۽ دولت جو ڍڳ ٺاهي، سمهڻ واري ڪمري جي در وٽ رکي ڇڏيو ۽ سڄي گهر کي ڏيئن سان روشن ڪيو. هوءَ پنهنجي مڙس کي سڄيءَ رات جاڳي، موت جو وقت ٽارڻ لاءِ، گيت ۽ ڀڄن ٻڌائيندي رهي. جڏهن موت جو ديوتا ’ياما ديوتا‘ ويس بدلائي، سندس مڙس جي ڪمري ويجهو ويو ته سندس ڏيئن جي تيز ۽ گهڻي تجليءَ سبب اکيون ڌنڌلائجي ويون، جنهنڪري کيس ڪجهه به نظر نه آيو. ان ڪري هُو (ياما ديوتا) سڄيءَ رات دولت جي ڍڳ تي ويهي، گيت ۽ ڀڄن ٻڌندو رهيو ۽ صبح ٿيندي ئي غائب ٿي ويو. اهڙيءَ طرح نوجوان زال پنهنجي مڙس جي زندگي بچائي ورتي. ان ڏينهن کانپوءِ هن ڏينهن کي ’ياما ديپ دان‘ به سڏيندا آهن ۽ موت جي ديوتا ياما/ يامراج جي احترام ۾ ڏيئا ٻاري روشني ڪئي ويندي آهي. هن تهوار متعلق هندن ۾ ٻيون به ڪيتريون روايتون موجود آهن. هي تهوار سنڌ جي ٿرپارڪر واري علائقي، راجسٿان ۽ نيپال ۾ خاص ڪري ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو